اتر وزيرستان: دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد اهلڪار فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

news

پشاور: (اڱارو 28 مئي 2019ع)  اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي اهلڪار نور خان کي ضلع خيبر ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

شهيد جي جنازي نماز گذريل رات ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان جي وادي شوال ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو هو جنهن کي الرٽ بيٺل فوجي جوانن ناڪام بڻائي ڇڏيو.

جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ جوان شهيد ٿي ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ ۽ علي وزير جي اڳواڻي ۾ پشتون تحفظ موومينٽ جي ڪارڪنن خاڙ ڪمر چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ پنج جوان زخمي ٿيا هئا جڏهن ته فائرنگ  دوران حملو ڪندڙن جا 3 ڄڻا مارجي ويا هئا.