بالي ووڊ ۾ صرف هڪ ڪرينه ڪپور آهي جنهن جو ڪو به ثاني ناهي: ڪرن جوهر

news

ممبئي: (اڱارو 28 مئي 2019ع) بالي ووڊ جون مشهور فلمون ٺاهيندڙ ڪرن جوهر چيو آهي ته بالي ووڊ ۾ صف هڪ ئي ڪرينه آهي جنهن جو ڪوبه ثاني ناهي هو هڪ اداڪاره سان  گڏ هڪ بهترين انسان به آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪرن جوهر چيو ته بالي ووڊ ۾ صرف  هڪ ئي ڪرينه آهي جنهن جو ڪنهن به اداڪاره سان ڪوبه مقابلو ناهي. ڪرن جوهر چيو ته ڪرينه ڪپور جي فلمي دنيا ۾ شروعات کان وٺي آئون سندس مداح آهيان.

هن چيو ته آئون ڪرينه جي تمام گهڻو ويجهو رهيو آهيان ۽ هو هڪ اداڪاره کان علاوه هڪ بهترين انسان به آهي. ڪرن جوهر چيو ته مون کي اداڪاره عاليه بهٽ به گهڻو پسند آهي پر ان جو ڪرينه ڪپور سان مقابلو ڪرڻ بهتر نه ٿيندو. هن چيو ته عاليه بهٽ فلم انڊسٽري ۾  نئين آهي پر هو پنهنجي قابليت سبب گهڻو اڳيان ويندي.