جاتي ۾ غربت کان تنگ اچي زال مڙس خودڪشي ڪري ڇڏي

news

جاتي: اڱارو 28 مٸي 2019ع:جاتي جي ڳوٺ حسن ٻهڙيو ۾ نوجوان شادي شده جوڙي هڪ پٽ جي ماءُ ۽ پيءُ غربت سبب عيد جون تياريون نه ٿيڻ ڪري 22 سالن جي محمد ولد حسن ٻهڙيو ۽ 20 سالن جي شبانه زال محمد ٻهڙيو سندس ڪمرو بند ڪري رسي ٻڌي پنهنجي پاڻ کي ڦاهيءَ ڏئي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.

سندس وارثن پاران ڪافي دير ڪمرو بند ھئڻ ڪري دروازو ڪافي دير کڙڪائڻ بعد جواب نه ملڻ تي ڪمري جو دروازو کوليو ته ٻنهي جا لاش ٽنگيل ڏسي عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جتي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال آنڌا، جتي محمد ٻهڙيو جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

جڏهن ته  تعلقي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب شبانه جو پوسٽ مارٽم تعلقي اسپتال جاتي ۾ نه ٿيو، جنهن کي تعلقي اسپتال سجاول منتقل ڪيو، سندس والد پريشاني ۽ مايوسي واري حال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڪلھ هوڙن تي وڃي رهيو هو ته سندس رجسٽريشن ڪارڊ نه مليو، جنهن کانپوءِ هو بيروزگاري ۽ غربت سبب ڪافي پريشان هو ۽ هو عيد جي خريداري نه ٿيڻ تي هن پنهنجي زندگي جو ڏيو اجهائي ڇڏيو.

اھڙي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي. ٻئي طرف ايس ايڇ او قادر بخش بهراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جاءِ واردات ڏسي پوءِ جيڪا حقيقت ھوندي انهي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.01