ميرپورماٿيلو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران دڪانن تي ڇاپا، وڌيڪ اگهه وٺندڙن کان ڏنڊ وصول

news

ميرپورماٿيلو: اڱارو 28 مٸي 2019ع:اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورماٿيلو رضوان نظير پاران اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ميرپورماٿيلو شھر ۾ ڇاپا ھنيا ويا.

ان موقعي تي ھن ڪريانه جي دڪانن مرغي جي دڪانن سبزي ۽ فروٽ سميت مختلف دڪاندارن تي ڏنڊ مقرر ڪندي ھزارين روپيا وصول ڪيو.

ان موقعي تي ھن ڪيترن دڪاندارن کي وارننگ ڏيندي ريٽ لسٽ موجب شيون وڪرو ڪرڻ ريٽ لسٽ واضع ۽ ظاھر ڪري رکڻ توڙي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ جون ھدايتون پڻ ڪيون صحافين سان ڳالھائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر رضوان نظير چيو ته ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سليم اللھ اوڍو صاحب جي حڪم تي روزاني جي بنيادن تي اگھن تي ضابطو آڻڻ لاء ڇاپا ھڻي وڌيڪ اگھ وٺندڙن خلاف ڪاروايون ڪري غريب عوام کي رليف ڏياريو ويندو.01