ميرپورماٿيلو ۾ شاهين پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول پاران ايڊز کان بچاءَ لاءِ جاڳرتا ريلي

news

ميرپور ماٿيلو: اڱارو 28 مٸي 2019ع:شاھين پبلڪ ھائير سيڪنڊري اسڪول ميرپور ماٿيلو طرفان  ايڊز جھڙي موذي مرض بابت آگاھي مھم جي عملي شروعات ڪندي، ڊاڪٽرن، سيلونن، ليبارٽريز، جنرل اسٽورن ۽ عام ماڻھن تائين ايڇ آء وي ۽ ايڊز جي بچاء بابت بنيادي ڄاڻ ڏني وئي.

جنهن جي اڳواڻي شاهين اسڪول جي پرنسيپال ذيشان احمد ڪلوڙ، پروفيسر طالب کوکر، منصور ڪلوڙ، آصف علي کوکر، سليم شھزاد دايو، عمران کوکر، اياز کهاوڙ، عبدالحفيظ دايو، سورج ڪمار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

جڏھن ته اڳواڻن شهر جي مختلف اسپتالن جي ڊاڪٽرن سان ۽ سيلونن  وارن سان ملاقات ڪري ايڊز کان پچاءَ جا طريقا ٻڌايا ۽ مشورا پڻ ڏنا. 01