هانيا عامر عاليا ڀٽ کي پنهنجي ڪاميابي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو

news

ڪراچي: اڱارو 28 مٸي 2019ع: اداڪارا هانيا عامر بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ کي پنهنجي ڪاميابي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو. هانيا عامر پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ عاليا ڀٽ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته گهڻا ئي پراجيڪٽ حاصل ڪرڻ جي پويان عاليا ڀٽ بنيادي سبب رهي ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن پروڊيوسر کي معصوم ڏسندڙ نوجوان ڊمپل ناري جي ضرورت هوندي ته کيس خبر هوندي آهي ته کيس مون کي ڪٿي ڳولڻو آهي.

هانيا عامر اهو به چيو ته عاليا ڀٽ جڏهن هڪ مشهور برانڊ جي لاءِ سامهون آئي ته ان ئي ڪمپني مون کي به پاڪستان ۾ نمائندگي جي لاءِ چونڊيو ان جي ڪري ئي مان عاليا ڀٽ جي تمام گهڻي شڪرگذار آهيان، جيڪڏهن منهنجي ڪڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته شايد مون کي ايئن لڳندو ته مان ڄڻ چنڊ تي پهچي وئي آهيان.

هانيا عامر شوبز ۾ ڪم ڪرڻ بابت ٻڌايو ته شوبز ۾ منهنجي انٽري حقيقت ۾ هڪ اتفاق آهي ڇو ته مان پنهنجي تعليم ۾ مصروف هيس ۽ ميڊيا يا بزنس ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهيان پئي پر تعليم دوران مون کي پروڊيوسر طرفان ڪال وصول ٿي ۽ مون سڀ ڪجهه ڇڏي آڊيشن لاءِ هلي آيس.