چوهڙجمالي ويجهو ستاهه واهه شاخ ۾ نينگر ٻڏي فوت

news

چوهڙ جمالي: اڱارو 28 مٸي 2019ع:چوهڙجمالي ۾ ٻارڙو شاخ ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. خبر موجب چوهڙجمالي جي درزي پورهيت مجيد عرف دادا کٽي جو 14 سالن جو پٽ مزمل علي شھر جي ستاھ واھ شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آھي.

مقامي ماڻھن نينگر جو لاش ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن نينگر جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.01