انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ لاها چاڙها جاري

news

ڪراچي: (اربع 29 مئي 2019ع) انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ لاهن چاڙهن جو سلسلو جاري آهي.

اربع جي ڏينهن ڪاروبار دوران انٽربئنڪ ۾ ڊالر 22 پئسا گهٽتائي کان پوءِ 150 رپين جو ٿي ويو آهي جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر پنجاهه پئسا مهانگو ٿي 150 رپيا، 50 پئسن جو ٿي ويو آهي.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڊالر 150.25 روپين جو ٿي ويو آهي.