قطر جو امير سعودي عرب پهچي ويو

news

رياض: (اربع 29 مئي 2019ع) قطر جي پهرين اڏام ٻن سالن کان پوءِ سعودي عرب ۾ لينڊ ڪيو آهي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب 2 سال پهريان قطر ۽ سعودي عرب ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي جنهن کان پوءِ سعودي عرب ۽ ٻين مسلمان ملڪن قطر سان سفارتي ۽ معاشي تعلقاتن کي ختم ڪري ڇڏيو هو.

2 سالن کان پوءِ سعودي عرب ۽ قطر جي تعلقاتن ۾ وڏي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ قطري امير شيخ تميم بن حمدالثاني جو جهاز سعودي عرب جي جده ائيرپورٽ تي لينڊ ڪيو آهي.

قطر ايئرويز ٽوئٽر تي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته قطرايئرويز جو جهاز نار جي بحران ۽ قطر تي پابندين کان پوءِ پهريون دفعو جده ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو آهي.

  ياد رهي ته سعودي عرب قطر جي امير کي ايران سان ڇڪتاڻ کان پوءِ او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو هو. 

ذريعن موجب سعودي عرب چاهي ٿو ته ايران سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ قطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته عرب ملڪن ۾ قطر واحد ملڪ آهي  جنهن جا ايران سان سفارتي ۽ معاشي  لاڳاپا بهتر آهن.