گهر ۾ اگربتي استعمال ڪرڻ سگريٽ پيئڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ

news

بيجنگ: اربع 29 مٸي 2019ع: اڪثر گهرن ۾ خوشبوءِ لاءِ اگربتي جو استعمال ڪيو ويندو آهي پر هاڻ چيني سائنسدانن ان جو سگريٽ جي دونهين سان ڀيٽ ڪري اهڙو انڪشاف ڪيو آهي جو آئندا ڪوبه ان کي گهر ۾ آڻن جو سوچيندو به نه.

ڀارتي خابرو اداري موجب ان تحقيق جي نتيجن ۾ چيني سائنسدانن ٻڌايو آهي ته اگربتي ۾ سگريٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ ڪيميڪلز موجود هوندا آهن جيڪي گهر ۾ موجود ماڻهن کي سگريٽ جي دونهين کان وڌيڪ نقصان پهچائيندا آهن ۽ انهن جي صحت کي وڌيڪ خراب ڪندا آهن.

رپورٽ موجب سائنسدانن ان تحقيق ۾ جيڪي تجربا ڪيا انهن ۾ ثابت ٿيو ته اگربتي ۾ ملندڙ ڪيميڪلز انسانن جي ڊي اين اي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن 7 انهن کي اهڙي بيمارين جو شڪار بڻائي ڇڏيندا آهن جن جو علاج به ڪڏهن ڪڏهن ناممڪن هوندو آهي، ڇو ته اهي بيماريون جينياتي تبدليين سبب ٿينديون آهن.

اهي ڪيميڪلز ڪينسر ۽ ڦڦڙن جي بيمارين جو سڀ کان وڏيڪ سبب بڻجندا آهن ۽ ٻارن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن، سائنسدانن جو چوڻ هو ته اگربتي جو دونهون ڦڦڙن ۾ وڃي ڦاسي پوندو آهي ۽ چڱي دير تائين رهندو آهي، جنهن سبب ان جا نقصان اڃان وڌيڪ سنگين ٿي ويندا آهن.