پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي تيزي جي لهر برقرار، ڊالر چوٽيهه پئسا سستو

news

ڪراچي: (خميس 30 مئي 2019ع) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي زبردست تيزي ڏٺي وئي جڏهن ته انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر به 34 پئسا سستو ٿي ويو آهي. 

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس ۾ 524 پوائنٽس جو اضافو ڏٺو ويو آهي جنهن کانپوءِ انڊيڪس 36 هزار جي سطح پار ڪندي 36 هزار 483 جي سطح تي پهچي ويو.

ٻئي طرف انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر 34 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ  149 رپيه 30 پئسن جو ٿي ويو ۽ ڊالر جي خريداري قيمت 33 پئسا گهٽتائي سان 149 رپيه 30 پئسا ٿي وئي آهي.

گذريل ڏينهن انٽربئنڪ مارڪيٽ  ۾ ڪاروبار جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڊالر 59 پئسا سستو ٿيو هو ۽ 149.63 تي بند ٿيو هو.