پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات جي ڀارتي عوام ۽ نريندر مودي مٿان سخت تنقيد

news

ڪراچي: (خميس 30 مئي 2019ع) مشهور پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات وزيراعظم عمران خان کي ڀارتي وزيراعظم جي حلف برادري واري تقريب جو دعوت نامو نه موڪلڻ تي نريندر مودي ۽ ڀارتي عوام مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي.

نريندر مودي ڀارتي لوڪ سڀا چونڊون کٽي هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ لاءِ تيار آهي. مودي جي حلف برداري تقريب ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن کي شرڪت جا دعوت ناما موڪليا ويا آهن. پر پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي حلف برداري جي تقريب جو دعوتنامو ناهي ڏنو ويو. مودي ۽ بي جي پي جي اهڙي انتهاپسندانه ۽ آمرانه رويي تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته عمران خان کي تقريب ۾ نه گهرائي مودي پنهنجي پاڙيسرين سان تعلقات بحال ڪرڻ جو موقعو هٿ مان وڃائي ڇڏيو آهي.

پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات به ان فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مودي ۽ ڀارتي عوام مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هن خبر مون کي گهڻو مايوس ڪيو آهي. هي اهو موقعو هو جڏهن اسان جا پاڙيسري وزيراعظم عمران خان جي امن جي پيشڪش سان متفق ٿي دوستي جو هٿ اڳيان وڌائي سگهيا ٿي. اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي تاريخ آهي پر هي نئين شروعات ٿي سگهي ٿي. ان سان گڏ مهوش حيات (امن کي موقعو ڏيو) جو بيش ٽيگ استعمال ڪيو آهي.

ياد رهي ته هي پهريون دفعو ناهي جڏهن مهوش حيات ڀارتي پاليسين ۽ ڀارتين جي رويي کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي پر ان کان اڳ به اداڪار اميتاب بچن  جي طرفان فلم ۾ پاڪستاني بنجڻ کان انڪار ڪرڻ جي فيصلي کي به مهوش حيات تنقيد جو نشانو بڻايو هو.