ڪوٽڙي ۾ بااثرن جي ظلمن خلاف خيرپورناٿن شاهه واسين جو احتجاج، تحفظ جي گهر

news

ڪوٽڙي: خميس 30 مٸي 2019: ڪوٽڙي ۾ خيرپورناٿن شاهه جي رهواسين پاران بااثر ماڻهن جي ظلم  ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف کوسا برادري ماڻهن  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪوٽڙي سائيٽ ۾ خيرپورناٿن جي ڳوٺ صاحب خان کوسو ۾ ست سال اڳ راڻو کوسو سان پيار جو پرڻو ڪندڙ عورت جباران کوسو پنهنجي ڏيرن سان گڏجي  بااثرن ماڻهن جي ظلم ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي اڳيان احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورت جباران کوسو پنهنجي ڏيرن مشتاق کوسو، سينگار کوسو ۽ ادو کوسو ميڊيا سان گڏ ڳالهائيندي چيو ته منهنجو مڙس حادثي ۾ فوت ٿي چڪو آهي پر منهنجا مائٽ مون سميت منهنجي ڏيرن جا ويري بڻجي ويا آهن.

ان موقعي تي عورت جي ڏيرن الزام هڻندي چيوته اسان جي ڀاءُ راڻو کوسو کي بااثرن روڊ حادثي ۾ مارايو آهي. اسان جي جانين کي به خطرو آهي، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان تحفظ جو مطالبو ڪندي انصاف جي گهر ڪئي.