نئون ديرو ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽيءَ پاران سيپڪو جي ناجائزين خلاف مسلسل احتجاج جاري، انتظاميا پاران ڪو به لڙي نه آيو

news

نئون ديرو: خميس 30 مٸي 2019: نئون ديرو ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽيءَ پاران سيپڪو ناجائزين خلاف سيپڪو سب ڊويزن نئون ديرو آفيس آڏو قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي 24 ڏينهن به مسلسل احتجاج جاري رهيو.

شهري اڳواڻن غلام حيدر ناريجو، مشتاق ڪنڀر، سليم چنه، علي اڪبر مڱريو، وريام چنه، عبدالرزاق موهل پاران 24 هين روزي تي به باهه وسائيندڙ گرميءَ ۾ احتجاجي ڪئمپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا.

جتي ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن چيو ته شهري ايڪشن ڪاميٽي سيپڪو جي ناجائزين خلاف پهرين روزي کان مسلسل 24 هين روزي تائين سراپا احتجاج بڻجي سب ڊويزن آفيس آڏو احتجاج ڪري رهي آهي پر سيپڪو عملدار پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڪوڙي هوڏ تي قائم آهن ۽ شهرين جي جائز مسئلن طرف ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي مسئلن جي حل خاطر احتجاجي ڪئمپ تي لڙي آيا آهن.

هنن چيو ته شهر ۾ بجليءَ جي واڌو لوڊ شيڊنگ ڪري باهه وسائيندڙ گرميءَ ۾ روزيدارن کي ڄاڻي واڻي پريشان ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ميٽر صارفين ڏانهن غيرقانوني ڳرا ڊڊڪشن بل اماڻي سيپڪو گرديءَ کي هٿي ڏني پئي وڃي جيڪا ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي.

هنن چيو ته سڙي ويل ٽرانسفارمر شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو ڪري ٺهرائين ٿا جڏهن ته سيپڪو جو ان ۾ ڪو به ڪردار ناهي. جيڪڏهن سڀ شهرين کي پاڻ کي ڪرڻو آهي ته پوءِ سيپڪو ملازم ڇا لاءِ پگهارون کڻي رهيا آهن؟

ڪمپلين سينٽر جو ڪو به نمبر ناهي ڏنو ويو جنهن ڪري فالٽ پوڻ تي شهري ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هجڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏين ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته ڊڊڪشن بل ۽ واڌو لوڊ شيڊنگ کي ختم ڪري، سڙي ويل ٽرانسفارمر سيپڪو پاڻ ٺهرائي ۽ ڪمپلين سينٽر تي ڪپلين نمبر لڳرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج اڻڄاڻايل مدي تائين جاري رکيو ويندو.