آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان افغانستان ۾ نيٽو نمائندي جي ملاقات

news

راولپنڊي: خميس 30 مٸي 2019ع: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان نيٽو جي افغانستان بابت سينيئر نمائندي سرنڪولس ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپان واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان نيٽو جي افغانستان بابت سينيئر نمائندي سرنڪولس ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران علائقائي امن ۽ اسلامتي ۽ پاڪ افغان سرحدي انتظام بابت معاملن تي خيالن ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته افغانستان ۾ مفاهمتي عمل بابت معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.