ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال ۾ پئراميڊيڪل اسٽاف جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، مريضن ۾ ڀاڄ

news

ڪوٽڙي: خميس 30 مٸي 2019: ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال ۾ پئراميڊيڪل اسٽاف جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ٺونشا توڙي مڪون لڳڻ سبب ٻنهي گروپن جا ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ گروپ جو اشرف جتوئي ۽ ٻئي گروپ جو قيوم راهوجو رتورت ٿي ويو، ڇڪتاڻ ۽ جهيڙي سبب اسپتال  جي مريضن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

ٻنهي گروپن جا حمايتي به جهيڙي جي اطلاع تي اسپتال پهچي ويا. هڪ گروپ جي اڳواڻن آفيسن ۾ لڪي جان بچائي ورتي. جهيڙي جي اطلاع تي ڪوٽڙي پوليس، ون فائيو پوليس اسپتال پهچي وئي ٻن ڄڻن  کي گرفتار ڪري جهيڙي کي ڪنٽرول ڪري ورتو.

جڏهن ته او پي ڊي بند ٿي وئي، ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل ڪاليج  اسپتال ۾ پئراميڊيڪل جي ٻن گروپن ۾ اسپتال اندر هلندڙ احتجاج تان اختلاف پيدا ٿي ويا جنهن کان پوءِ پاڪستان پئراميڊيڪل يونٽ ڪي,اي,آر,041 جي عبدالله سومرو, اشرف جتوئي گروپ ۽ پئراميڊيڪل جي 2076 مسعود ميراڻي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا جنهن کان پوء اڄ اسپتال اندر ٻنهي گروپن جي اڳواڻن ۾ منهن ماري ٿي پئي ته مامرو جهيڙي تائين پهچي ويو.

ٻنهي گروپن جي اڳواڻن ۾ اسپتال اندر لٺيون، ٺونشا ۽ لتون مڪون لڳڻ سبب ٻنهي گروپن جا ٻه زخمي ٿيا، جنهن ۾ هڪ ڄڻو اشرف جتوئي کي نڪ ۾ ٺونشو لڳڻ سبب رتورت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي ڌر جي عبدالقيوم راهوجو کي ٺونشا لڳڻ سبب ڪپڙا ڦاٽي پيا. جڏهن ته جهيڙي دوران ٻنهي گروپن جا حمايتي هڪ ٻئي ته ٺونشا وسائيندا رهيا، ان دوران اسپتال جي مريضن ۾ ڀاڄ پئجي ويا ۽ مريضن جي ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

اسپتال انتظاميا جهيڙي جو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن کان پوءِ پوليس وڏي انگ ۾ پهچي وئي ۽ مظفر سمون کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏهن ته ڇڪتاڻ سبب اسپتال ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آھي. جهيڙي جي اطلاع تي هڪ گروپ جا حمايتي اسپتال پهچي ويا، جنهن دوران اسپتال ۾ خوف ڇائنجي ويو.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر مقصود آرائين ٻڌايو ته پيراميڊيڪل عملي ٻه گروپ آهن انهن ۾ جهيڙو ٿيو آهي ان وقت مان ڪنهن ڪم سانگي ويس زخمي اشرف جتوئي اجايو الزام لڳايو آهن ان سان منهنجو ڪو به تعلقه ناهي باقي هڪ اسپتال  ملازم اشرف جتوئي زخمي ٿي پيو آهي ان کي ليٽر ڏنو آهي اين سي داخل ٿيل آهي ٻه ملازم گرفتار به ٿيا آهن ان لاۡءِ جهيڙو ڪندڙ  اسپتال جي ٻن  ملازمن کي ريليف ڪيو ويو آهي، باقي جاچ ڪئي ويندي ته آخر جهيڙو ڇاجي لاءِ ٿيو آهي.