غريب عوام جو درد آهي، علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: حزب الله ٻگهيو

news

ڏوڪري : خميس 30 مٸي 2019: پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ پي ايس 13 جي چونڊيل ايم پي اي حزب الله خان ٻگهيو چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پ پ جي اڳواڻن مٿان ٿيل تشدد مذمت ڪندي چيو آهي ته پ پ هميشه اهڙن جمهوريت دشمن عملن خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ ان جي بدلي هميشه تشدد گرفتاريون مليون آهن ۽ اسان جهڪڻ ڊڄڻ وارا ناهيون ڇو جو اسان جي پارٽي جمهوريت پسند پارٽي آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف عمران خان جي حڪومت گهڻو وقت هلي نه سگهندي عيد کان پوءِ دمام مست قلندر ٿيندو، يا اليڪشن ٿيندي يا ان هائوس تبديلي ايندي ۽ پ پ نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف به هوندي وزيراعظم ٻيو ٿيندو.

هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڏوڪري تعلقي مان جلد جي ڊي اي پارٽي جو خاتمو اچي ويندو هن چيو ته اسان چاليهه ڪروڙن جا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن ۾ ڏوڪري باڊهه سميت تعلقي ڏوڪري جي مختلف ڳوٺن ۾ سي سي بلاڪ جو ڪم جاري آهي.

هن چيو ته اسان غريبن کي سولر پليٽ پکا ۽ هاڻي وري ڪپڙا پڻ تقسيم ڪيا آهن ته جئين غريب طبقو وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو آھي ته پي ايس 13 تي عوام اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آھي اسان جو مرڻ جيئڻ ھن عوام سان آھي.

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ارشاد خان ٻگهيو، محمد نواز ٻگهيو ۽ ٻيا موجود هئا.