آمريڪا سان ڳالهين جو ڪوبه فائدو ناهي: ايراني سپريم ليڊر

news

تهران: خميس 30 مٸي 2019ع: آيت الله خامنائي ايران آمريڪا تڪرار بابت چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين جو ڪوبه فائدو ناهي جڏهن ته يورپي ۽ ٻين ملڪن سان ڳالهين ۾ ڪوبه مسئلو ناهي.

تفصيل موجب ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي سڌي انداز ۾ واضح ڪيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڪنهن قسم جون ڪي به ڳالهيون نه ڪندو.

ايران جي سپريم ليڊر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آمريڪا سان ڳالهين جو ڪوبه فائدو ناهي، اهو نقصاندا هوندو، جڏهن ته ايران کي يورپي ۽ ٻين ملڪن سان ڳالهين ۾ ڪوبه مسئلو ناهي.

آيت الله خامنائي اهو به واضح ڪيو ته يورپي ملڪن سان ڳالهين ۾ به انقلاب جي مرڪزي پهلوئن تي ڳالهيون نه ڪيون وينديون ڇو ته انقلاب جي پهلوئن تي ڳالهين جو مطلب دفاعي صلاحيتن تان هٿ کڻڻ آهي ۽ ايران پنهنجي فوجي صلاحيتن تي ڳالهيون نه ڪندو.

ان کان اڳ ايران جي صدر حسن روحاني چيو هو ته آمريڪا پابنديون کڻي وٺي ۽ دٻاءُ نه وجهي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.