مورو ۾ ڪراچي مان اغوا ڪيل نينگري پوليس ڪارروائي بعد بازياب، ٻه ڄڻا گرفتار

news

مورو: خميس 30 مٸي 2019: ڪراچي پوليس ۽ مورو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري مورو شھر جي ٻانڌي روڊ واري علائقي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي ڪراچي مان اغوا ٿيل 13 سالن جي نينگري حنا ولد عبدالستار اوڏ کي بازياب ڪرائي ورتو.

جڏهن ته گهر ۾ موجود اغوا ڪندڙ ٻن جوابدارن شعيب مڪراني ۽ آسيه کي گرفتار ڪري مورو ٿاڻي تي کڻي آيا. جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ بازياب ٿيل نينگري حنا ۽ جوابدارن کي ڪراچي پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي.

ياد رهي ته ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي تي 28 مارچ 2019 تي نينگري حنا جي وارثن ڪيس داخل ڪرايو. جنهن ۾ هنن ڄاڻايو هو ته اسان جي نينگري کي اغوا ڪيو ويو آھي.

جنهن کان پوءِ ڪراچي پوليس هن معاملي تي پنهنجي جاچ شروع ڪئي. موبائيل ٽريس ۽ ٻين شاهدن ذريعي خبر پئي ته اغوا ٿيل نيگري حنا مورو ۾ موجود آھي، جيڪا هڪ گهر ۾ باندي بڻيل آھي.

جنهن کانپوءِ ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي جي پوليس هڪ ٽيم تشڪيل ڏئي مورو پهتي. جنهن کانپوءِ ڪراچي ۽ مورو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري اغوا ٿيل نينگري کي  بازياب ڪرائي ورتو.