چيڪ پوسٽ حملو: محسن داوڙ اٺن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

news

بنون: خميس 30 مٸي 2019ع: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورتي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ملوث قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ  تي سي ٽي ڊي جي حوالي ڪيو ويو.

26 مئي تي خاڙڪمر چيڪ پوسٽ تي حملي کانپوءِ فراري محسن داوڙ کي اتر وزيرستان مان حراست ۾ ورتو ويو.

خار چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ پنج جوان زخمي ٿيا هئا جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير سميت 8 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو هو جڏهن ته محسن داوڙ رش کي مڇرائڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو هو.

سي ٽي ڊي ٿاڻي بنون ۾ انسپيڪٽر محمد جليل خان جي مدعيت ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ دهشتگردي، 324، 302 سميت ڪُل 10 قلم شامل ڪيا ويا.

ان کانپوءِ محسن داوڙ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت کيس 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت جوابدار کي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ 7 جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.