سياسي پارٽيون ٽڪرن ۾ ورهائجي ويون، مسلم ليگ سڀ کان اڳتي

news

پشاور: جمعو 31 مٸي 2019ع: اليڪشن ڪميشن مان رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو تعداد 107 ستن تائين پهچي ويو آهي جن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ مسلم ليگ جي نالي سام پارٽيون رجسٽرڊ آهن.

اليڪشن ڪميشن جي فهرست موجب مختلف گروپن ۾ ورهايل مسلم ليگ سڀ کان اڳتي آهي جنهن جا 12 ٽڪرا ٿي چڪا آهن، هينئر تائين ن ليگ کان علاوه پاڪستان نيشنل مسلم ليگ، پاڪستان مسلم ليگ شير بنگال فضل حق، پاڪستان مسلم ليگ آرگنائزيشن، پاڪستان مسلم ليگ ضياءُ الحق شهيد، پاڪستان مسلم ليگ جوڻيجو، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل، پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل، پاڪستان مسلم ليگ، عوامي مسلم ليگ پاڪستان، آل پاڪستان مسلم ليگ ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جناح شامل آهي.

اهڙي طرح حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف به ٽن حصن ۾ وکري وئي آهي تحريڪ انصاف کان علاوه پاڪستان تحريڪ انصاف نظرياتي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف گلالئي شامل آهي. پيپلز پارٽي کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين، پيپلز پارٽي ورڪرز ۽ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي نالي سان رجسٽرڊ آهن.

متحدا قومي موومينٽ جا به ٻه حصا ٿي چڪا آهن اليڪشن ڪميشن وٽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ مهاجر قومي موومينٽ پاڪستان شآمل آهي، جي يو آءِ 4 حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن جي فهرست موجب جي يو آءِ ف کان علاوه جي يو آءِ نوراني، جي يو آءِ س ۽ جي يو آءِ نظرياتي رجسٽرڊ آهن.