فيس بڪ جي انساني مزاج پڙهندڙ روبوٽ ٺاهڻ ۾ دلچسپي

news

نيويارڪ: جمعو 31 مٸي 2019ع: سوشل ميڊيا جي مشهور ويب سائٽ فيس بڪ هڪ روبوٽ جي پيٽنٽ فائل ڪئي آهي جنهن جي تحت انساني قد جي برابر روبوٽ رسن تي هلي ماڻهن جي منهن جا تاثر نوٽ ڪندو ۽ پري ويٺل ماڻهن جي گڏيل دوستي ڪرائڻ ۾ مدد ڏيندو.

روبوٽ تي جديد ترين سينسر، ڪئميرا ۽ اسڪرين به لڳل هوندي ۽ اهو ماڻهن سان ڳالهيون به ڪندو، ان روبوٽ وسيلي هزارين ميل پري ويٺل ٻه ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسي سگهندا ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري هڪ ٻئي کي دوست بڻائي سگهندا.

ان حوالي سان 16 مئي 2019ع تي فيس بڪ روبوٽ جي پيٽنٽ درخواست ڏني آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته فيس بڪ ان کي عملي جامو به پارائيندو.

روبوٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو ڏٺو ويندڙ ماڻهن جي احساسن، تاثرن ۽ جسماني حرڪتن ۽ سڪنات کي نوٽ ڪندو ۽ ان جو آواز به ٻڌندو، ان روبوٽ وسيلي پري ويٺل ماڻهو ڪنهن به شخص کي صدا لڳائي ان سان ڳالهيون به ڪري سگهندا.

جيڪڏهن ان کي فيس بڪ پليٽ فارم ۾ شامل ڪيو وڃي ته هڪ طرح سان روبوٽ اصل انسانن جي وقتي بڻجي ٻن ماڻهن وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جو سبب به بڻجندو ۽ شايد ٻئي طرف ويٺل شخص جي شڪل روبوٽ جي مرڪزي اسڪرين تي به ڏسي سگهبي.