ٻوٽن، مٽي ۽ قدرتي رنگن سان پينٽنگ ڪندڙ بي گهر مصور

news

نئين دلي: جمعو 31 مٸي 2019ع: ڀارت ۾ هڪ بي گهر فنڪار خداداد صلاحيتن جو مالڪ آهي ۽ هو ڪوئلي، قدرتي رنگن، ٻوٽن جي جزن ۽ مٽي وغِرا سان ڀتين ۽ عمارتن تي وڏي پينٽنگ ۽ ميورل ٺاهيندو آهي.

ميري ڏاڙهي ۽ ميرا ڪپڙا پهريل اهو شخص ڪولم شهر جي رستن تي رهندو آهي ۽ ماڻهو ان کي راجو نالي سان سڏيندا آهن جيڪو سندس اصل نالو ناهي، جڏهن ته اهو هڪ فنڪار آهي جيڪو گذريل 8 سالن کان شهرين کي پنهنجي فن سان لطف اندوز ڪري رهيو آهي، ڪيترين ئي ڀتين ۽ عمارتن تي حيرت جوڳيون پينٽنگ ۽ منظرناما تخليق ڪيا آهن. 

اهو پنن کي برش طور استعمال ڪندو آهي ۽ ٻوٽن جا جزا، ڪوئلا ۽ گاري کي رنگ جي طور تي استعمال ڪندو آهي.

ماڻهو راجو جي پسمنظر ۽ زندگي جي باري ۾ ڄاڻڻ جا خواهشمند ناهن پر جڏهن به هو ڪو نئون ڪم شروع ڪندو آهي ته ماڻهو ان جي چوڌاري جمع ٿي ويندا آهن.

جيتوڻيڪ هو جديد شيون استعمال ناهي ڪندو پر ان ا فن پارا ڪنهن شاهڪار کان گهٽ ناهن هوندا ۽ پورو ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ان کي ڏسي حيران رهجي ويندا آهن.

راجو مختلف رنگن جي پنن کي زمين تي پيهي مختلف رنگ ٺاهيندو آهي ۽ ان ۾ پنهنجي هٿن سان مٽي ملهائيندو ويندو آهي جنهن مان برائون ۽ ڪارا رنگ ٺهندا آهن، ان جي بيگ ۾ نيرا، ڦڪا ۽ ڳاڙها رنگ به آهن جيڪي قدرتي رنگ آهن، ان کانپوءِ راجو پنهنجو ڪم شروع ڪندو آهي 7 دماغ جي تخليقي طاقت سان ڀتين کي آراستا ڪندو آهي.