ڏوڪري ۾ گمبٽ جي صحافي جي گرفتاري خلاف احتجاج

news

ڏوڪري: جمعو 31 مٸي 2019: گمبٽ جي صحافي عجب لاکو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف ڪالھ عوامي پريس ڪلب ڏوڪري ۽ باڊهه پريس ڪلب پاران گڏيل هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ سخت نعري بازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندي باڊهه پريس ڪلب جي صدر زيب علي ساريو عوامي پريس ڪلب جي عبدالجبار ميمڻ، ساجد علي قادري، ربنواز کوسو، معشوق علي مشوري، عامر علي ڏيرو، قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي، سائين اقبال جعفري، عمران جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته گمبٽ جي صحافي عجب لاکو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته هن معاملي جي منصفانه جاچ ڪري صحافي کي انصاف ڏنو وڃي.