بدين ۾ يوم القدس جي موقعي تي ريلي

news

بدين: جمعو 31 مٸي 2019ع:يوم القدس جي موقعي تي بدين ۾ ريلي ڪڍي وئي، شهر جي مرڪزي امام بارگاھ ڪاشانئه زينبيه کان مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي مولوي بهادر ميمڻ سيد نارد شاھ، غلام نبي شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عالم اسلام خلاف آمريڪا اسرائيل ۽ ان جا حمايتي هڪ ئي پليٽ فارم تي بيٺا آھن.

هاڻ وقت اچي ويوآھي ته سمورا مسلمان ملڪ گڏجي مسلمانن جي حفاظت ۽  انهن جي بقا لاءِ سڀ اختلاف وساري هڪ ٿي وڃون.

ان موقعي تي ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته بيت المقدس کي يهودين کان آزاد ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آھي.01