وزيراعظم عمران جون مڪه مڪرمه ۾ مصر ۽ افغانستان جي سربراهن سان ملاقاتون

news

رياض: جمعو 31 مٸي 2019: وزيراعظم عمران خان 14هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي مڪه مڪرمه ۾ مختلف ملڪن جي اڳوڻن سان ملاقاتون ڪيون.

مڪه مڪرمه ۾ وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني ۽ مصر جي صدر فتح السيسي سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ مسلم امه کي درپيش مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفا، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سڀني شعبن ۾ ڀرپور تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.