وفاقي حڪومت پاران عوام کي عيد جو تحفو، پيٽرول جي قيمت ۾ چار روپيا ڇويهه پئسا في ليٽر واڌ

news

اسلام آباد: جمعو 31 مٸي 2019ع: حڪومت عوام کي عيدالفطر تي وڏو تحفو ڏئي ڇڏيو، پيٽرول جي قيمتن ۾ چار روپيا ڇويهه پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي.

تفصيل موجب حڪومت عوام کي عيد جو تحفو ڏئي ڇڏيو، پيترول جي قيمتن ۾ چار روپيا 26 پئسا في ليٽر واڌ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت چار روپيا پنجاهه پئسا في ليٽر وڌائي وئي.

هاڻ پيٽرول جي نئين قيمت 112 روپيا 68 پئسا في ليٽر ۾ موجود هوندو، لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ روپيو 68 پئسا واڌ سان 88 روپيا 62 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

گاسلٽ هڪ روپيو 69 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 98 روپيا 46 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 126 روپيا 82 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.