مڪه المڪرمه: وزيراعظم عمران خان سان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ملاقات

news

مڪه المڪرمه: (ڇنڇر 01 جون 2019ع) وزيراعظم  عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ملاقات ٿي. جاري ڪيل اعلاميي موجب وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات او آءِ سي اڳواڻن جي اجلاس جي سائيڊ لائين تي ٿي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن  ٻطرفه سياسي، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

جڏهن ته سعودي ولي عهد  پاران اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو شڪريو ادا ڪيو. اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ سعودي  ولي عهد جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيل فيصلن تي تيزي سان عمل ڪرڻ ۽ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي پهرين اجلاس جي فيصلن تي به جلد عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وزيراعظم پاران بنا ڪنهن ادائگين جي پاڪستان کي تيل ڏيڻ تي سعودي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ويو ۽  وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران پاڪستان لاءِ تيل جي فراهمي ۾ کنيل تڪڙي قدم سان پاڪستان جي معيشت کي مدد ملي.