ڪشميرين ۽ فلسطينين جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد کي دهشتگردي سان نه ڳنڍيو وڃي: عمران خان

news

مڪه المڪرمه: (ڇنڇر 01 جون 2019ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين ۽ فلسطينين جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد کي دهشتگردي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي. جڏهن ته او آءِ سي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏي.

اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلام فوبيا ۽ دهشتگردي سان سڀني کان وڌيڪ نقصان مسلمانن کي پهتو. ڪوبه مذهب انساني قتل ۽ دهشتگردي  جي اجازت نٿو ڏي. اسلام جو دهشتگردي سان ڪوبه تعلق ناهي. اوڀر جي دنيا مسلمانن جي جذباتن جو خيال ڪري. دنيا کي اسلام فوبيا کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. 

هن چيو ته نيوزيلينڊ جي واقعي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دهشتگردن جو ڪوبه مذهب ناهي هوندو. ڪوبه مسلمان دهشتگردي ۾ ملوث هجي ته کيس اسلامي دهشتگردي جو نالو ڏنو ويندو آهي. نائن اليون کان پهريان گهڻا خودڪش حملا تامل ٽائيگرز  ڪندا هئا ان جي حملن جو ڪنهن به هندو مذهب سان تعلق ناهي جوڙيو. دهشتگردي کي اسلام کان الڳ ڪرڻو پوندو.

عمران خان چيو ته نائن اليون کان پوءِ ڪشميرين ۽ فلسطينين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا. او آءِ سي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏي. مسلمانن جي سياسي جدوجهد کي دهشتگردي جو ليبل هڻڻ صحيح عمل ناهي. ڪشميرين ۽ فلسطينين جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد کي دهشتگردي سان نه جوڙيو وڃي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۾ مسلمانن مٿان ظلم وڌندو پيو وڃي. ڪشميري آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. او آءِ سي ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قرارداد موجب حل ڪرائي. هن چيو ته اسرائيل دهشتگردي کي معصوم فلسطينين جي خلاف استعمال ڪيو. بيت المقدس فلسطين جي راڄڌاني آهي ۽ گولان کي فلسطين جو حصو هجڻ گهرجي.

وزيراعظم زور ڏنو ته   مسلمان ملڪ جديد ٽيڪنالوني ۽  تعليم کي ترجيح ڏين، کين جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي تي  وڌ کان وڌ رقم خرچ ڪرڻ گهرجي.