مرف سجاول ۽ ٺٽي جي سرڪاري اسپتالن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي: اياز علي شاھ شيرازي

news

سجاول:ڇنڇر 01 جون 2019ع: سماجي تنظيم مرف ۽ پي پي ايڇ آئي ضلعي سجاول ۽ ٺٽي جي سرڪاري اسپتالن کي مڪمل تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت سرڪاري اسپتالون پنهنجي تحويل ۾ وٺي عوام کي مفت ۽ سٺو علاج فراهم ڪرڻ جي دعوائن کي پورو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار سجاول جي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي نيشنل پريس ڪلب سجاول ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته سماجي تنظيم مرف ۽ پي پي ايڇ آءِ جي نگراني ۾ ضلعي سجاول ۽ ٺٽي جي سول ۽ تعلقي اسپتال، رورل هيلٿ سينٽر ۽ ڊسپينسرين ۾ نه علاج جون سهولتون آهن ۽ نه ئي وري دوائون آهن، سخت مهانگائي جي هن دور ۾ غريب بي پهچ عوام کي نڌڻڪو ڪري مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي.

هن چيو ته مرف ۽ پي پي ايڇ آءِ کان پهرين 25 ڪروڙ رپين جي ڪوارٽر بجيٽ مان اسپتالن جو انتظام صحيح طريقي سان هلي رهيو هو پر هاڻي 80 کان 85 ڪروڙ رپيا ڪوارٽر بجيٽ ملي ٿي پر اسپتالن ۾ صرف رنگ روغن ۽ صفائي ڪرائڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿو ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن وزير يا جج  صاحبن جي دوري جي وقت دوائون اسٽور ۾ سجائي رکيون وڃن ٿيون ۽ انهن کي مطمئن ڪيو ويندو آهي پر ٻئي طرف مريض ۽ انهن جا وارث علاج نه هئڻ ۽ دوائون نه ملڻ تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن.

ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته ٻنهي ضلعن سجاول ۽ ٺٽو جون اسپتالون ۽ ڊسپينسريون سرڪاري تحويل ۾ ورتيون وڃن ته جئين غريب ۽ بي پهچ عوام کي سرڪاري اسپتالن ۾ سٺي ۽ مفت  علاج جون سهولتون ملي سگهن.01