بخار دوران ڇالن جو اثرائتو علاج ماکي ۾ ملي ويو

news

ويلنگٽن: ڇنڇر 01 جون 2019ع: چپن جي آس پاس بخار دوران وات جو پچڻ هر هر تنگ ڪندو آهي ۽ ان کان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي ويندي آهي، هاڻ ماهرن چيو آهي ته هڪ طرح جي ماکي ان جي علاج ۾ اهڙي طرح اثرائتي هوندي آهي جهڙي طرح مهانگيون ڪريمون ان جو علاج ڪنديون آهن.

ميڊيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف نيوزيلينڊ پنهنجي ملڪ ۾ عام ملندڙ هڪ گلن واري وڻ ڪينوڪا ۾ هڪ جزو هٿ ڪيو آهي جيڪو چپن جي آس پاس ۾ ٿيندڙ بخار جي ڇالن جو شافعي علاج ثابت ٿي سگهي ٿو. ان وقت بازار ۾ جيتريون به ڪريمون هٿ ٿيون آهن ماکي ان ئي رفتار سان بخار جو پچڻ ختم ڪندو آهي پوءِ اهو نڪ تي هجي يا وري چپن جي آس پاس ظاهر ٿيندو هجي.

مثال طور اسائيڪلوور ڪريم ٻن ڏينهن ۾ ڇالن کي ختم ڪندي احي پر ان جا منفي ضمني اثر پيدا ٿيندا اهن، ان کي نظر ۾ رکندي خاص طبي ماکي جو استعمال تمام فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

پر ماکي جا ڪيترائي فائدا ٻيا به آهن جن جو شمار ڏکيو آهي، ماکي جو استعمال هاضمي کي درست ڪندو آهي، سٺي ننڊ ڏياريندو آهي، جيري کي زهر کان پاڪ ڪندو آهي ۽ جسماني انفيڪشن کي ختم ڪندو آهي.

ڪينوڪا وڻ مان حاصل ماکي طبي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي ۽ نيوزيلينڊ جي ماهرن ان  تي وڌيڪ تحقيق ۽ انساني آزمائشن تي  زور ڏنو آهي.