نئون ديرو ۾ ميونسپل ملازمن پاران پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

نئون ديرو: ڇنڇر 01 جون 2019ع:سنڌ حڪومت پاران بلدياتي ملازمن جي پگهارن لاءِ او زيڊ ٽي شيئر جا پئسا وقت سر رليز نه ڪرڻ ڪري سنڌ جا سمورا بلدياتي ملازم عيد جي پگهارن کان محروم ٿي ويا آهن، جڏهن ته ملڪ جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي مڙني کاتن جا سمورا ملازم اڳ ئي پگهارون کڻي چڪا جڏهن ته بلدياتي کاتي جي سمورن غريب ملازمن جا خاندان ۽ سندن معصوم ٻچڙا عيد خريداريءَ سميت عيد جي خوشيون نه ملهائي سگهندا.

حڪومت پاران بلدياتي ملازمن سان اهڙي ٻه اکيائي ۽ ناانصافيءَ خلاف شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي سڏ تي ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جي ملازمن صوبائي صدر حافظ مشتاق احمد ڪوريجو جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن کان مارچ ڪندي شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو آڏو پهچي نٽهڻ اس ۽ باهه وسائيندڙ گرميءَ ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي مٿين اڳواڻن چيو ته مڙني کاتن جا سمورا ملازم پگهارون کڻي کپائي به ڇڏيون پر افسوس جو بلدياتي ملازمن سان سنڌ حڪومت ناانصافي ڪندي هن وقت تائين او زيڊ ٽي شيئر جي رقم جاري ناهي ڪئي، جنهن ڪري عيد ۾ باقي 3 ڏينهن هجڻ ڪري سمورا بلدياتي ملازم عيد جي پگهار کان محروم رهجي ويندا.

هنن چيو ته هن ملڪ جو هر ماڻهو عيد جي خريداري ڪري رهيو آهي ۽ بلدياتي ملازم مايوسين جو شڪار بڻجي ويا آهن. جيڪڏهن ٻين کاتن جيان بلدياتي ملازمن جون پگهارون به ٽريزري معرفت جاري ٿين ها ته شايد ايئن نه ٿئي ها.

هنن عيد کان اڳ سومر تائين پگهارون جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري صفائي سٿرائيءَ واري عمل جو بائڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.01