بدين ۾ عورت جو مڙس سان گڏجي پوليس ۽ بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

news

بدين: ڇنڇر 01 جون 2019ع:ڪڍڻ واسي عورت جو پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج، خبر موجب ڪڍڻ ڀرسان ديھ کنڀرو جي رهواسي عورت مسمات حُسنا جمالي پنهنجي مُڙس واحد بخش جمالي سان گڏجي بدين پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيوته ڪجھ ڏينهن پهرين جڏهن هو گھر ۾ اڪيلي هئي ته ڳوٺ سردار يوسف جمالي جي اوباش نوجوانن خالق ڏنو ۽ ستار جمالي منهنجي گھر ۾ گھڙي منهنجي عزت ۾ هٿ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجي مزاحمت تي مون کي ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

هن چيوته مون اهڙي رپورٽ ڪڍڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي ۽ جڏهن علاج لاءِ ليٽر وٺي سرڪاري اسپتال ڪڍڻ ويس ته انهن مون کي داخل ڪرڻ بدران معمولي مرهم پٽي ڪري روانو ڪري ڇڏيو.

هن الزام هنيو ته جوابدار ڌر کي بااثر ماڻهن جي پُٺ ڀرائي حاصل آهي، جنهن سبب ڪڍڻ پوليس مون کان ڪيس نه ٿي وٺي ۽ ڪڍڻ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن به مون کي علاج ڪرڻ ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

هن چيوته مون ايس ايس پي بدين کي اهڙي درخواست پڻ ڏني آهي پر ان حڪم کي پڻ ڪڍڻ پوليس نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي هن اعليٰ اختيارين کان گھُر ڪئي ته ڪڍڻ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اوباش نوجوانن کي گرفتار ڪيو وڃي.01