ساهيوال: ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو ايئرڪنڊيشن خراب، پنج معصوم ٻارڙا فوت

news

ساهيوال: (آچر 02 جون 2019ع) ساهيوال جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ايئرڪنڊيشن خراب هئڻ سبب نرسري  ۾ رکيل 5 معصوم ٻارڙا فوت، وارث انتظاميه خلاف سراپا احتجاج بڻيل. ڊپٽي ڪمشنر ٻارڙن جي  فوت ٿيڻ واري مامري تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

رپورٽ موجب ساهيوال جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميه نااهلي جي انتها ڪري ڇڏي. سخت گرمي  ۾ خراب ٿيندڙ ايئرڪنڊيشن کي نه ٺهرايو ويو جنهن سبب نرسري ۾ موجود  معصوم ٻارڙن دم ڌڻي حوالي ڪيو. وارثن انتظاميه کي ٻارڙن جي فوتگي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. وارثن الزام هنيو ته اي سي خراب ٿيڻ سبب معصوم ٻارڙا فوت ٿيا آهن ۽ اسپتال انتظاميه جو ٻارڙن جي ديک بهال وارو طريقو به صحيح نه هو ۽ هر ڳالهه ۾ لاپرواهي ڪري رهيا هئا. سندن غفلت ۽ لاپرواهي سبب ئي ٻارڙا فوت ٿيا آهن. 

وارثن پاران اسپتال انتظاميه جي لاپرواهي خلاف احتجاج به ڪيو ويو. ٻئي طرف اسپتال انتظاميه پنجن ئي معصوم ٻارڙن جي فوتگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ميان زمان وٽو اسپتال جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هنگامي دورو ڪيو ۽ ٻارڙن جي فوتگي تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن ايم ايس آفيس جو اي سي ٻارڙن جي وارڊ ۾ لڳرايو. ڊپٽي ڪمشنر اسپتال انتظاميه کي ٻارڙن جي وارڊ ۾ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.