آمريڪي ويزا لاءِ درخواست ڏيندڙ کي پنهنجي سوشل ميڊيا جي ڄاڻ ڏيڻي پوندي

news

واشنگٽن: (آچر 02 جون 2019ع) آمريڪا جي نون قانونن موجب آمريڪي ويزا جي لاءِ درخواست ڏيندڙ کي پنهنجي سوشل ميڊيا جي ڄاڻ ڏيڻي پوندي. آمريڪي گهرو وزارت موجب سمورن ماڻهن کي آمريڪي ويزا جي لاءِ سوشل ميڊيا جي معلومات، 5 سالن کان استعمال هيٺ ايندڙ اي ميل آءِ ڊي ۽ فون نمبر لکرائڻا پوندا. ڪجهه سفيرن ۽ سرڪاري اختيارين کي نئين قانون کان ڇوٽ حاصل هوندي. جڏهن ته آمريڪا ۾ نوڪري يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي به سموري ڄاڻ ڏيڻ لازمي هوندي.

نئين قانون  جي لاڳو ٿيڻ کان اڳ گذريل سال ڪاٿو لڳايو ويو هو ته هن قدم سان هڪ ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته قانوني طور تي آمريڪا ايندڙ جو اسڪريننگ جو طريقو مسلسل بهتر ڪرڻ جي لاءِ ميڪانزم تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن آمريڪي شهرين کي محفوظ بڻائي سگهجي.

ياد رهي ته هن کان اڳ اها سموري ڄاڻ صرف ان ماڻهن کي ڏيڻي پوندي هئي جتي دهشتگرد تنظيمون سرگرم هيون پر هاڻ هر درخواست گذار کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۾ ٺهيل پنهنجي اڪائونٽ جي ڄاڻ ڏيڻي پوندي.

ان حوالي سان آمريڪي اختيارين(دي بل) اخبار سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو درخواست ڏيندڙ سوشل ميڊيا  جي ڄاڻ ڪوڙي ٻڌائيندو ته ان کي سخت اميگريشن جي مسئلن کان گذرڻو پوندو.

ياد رهي ته آمريڪا ايندڙ مسافرن کان سوشل ميڊيا  اڪائونٽن جي ڄاڻ بابت سفارشون گذريل سال مارچ ۾ پيش ڪيون هيون. پر ان وقت شهرين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گروپ(دي آمريڪن سول ليبرٽيس يونين) جو چوڻ هو ته ان ڳالهه جي ڪا شاهدي ناهي ته سوشل ميڊيا مانيٽرنگ فائديمند ثابت ٿيندي. ان سان ماڻهو  پاڻ کي آن لائن سينسر ڪرڻ شروع ڪري سگهن ٿا.