خانيوال ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا اٺ ڄڻا بيهوش

news

خانيوال: (آچر 02 جون 2019ع) خانيوال جي ڏوراهين علائقي عباس نگر ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ٻارڙا ۽ 2 عورتون بيهوش ٿي ويون جنهن کي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

خانيوال ۾ غريب مزدور جي ٻارڙن جي ماني کائيندي ئي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ سمورا گهر وارا  بيهوش ٿي ويا. پاڙي وارن موجب زهريلي چانورن سبب بيهوش ٿيندڙ ٻارڙن ۾ 2 ڌيئرون ۽ 5 پٽ شامل آهن. ڊسٽرڪٽ اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ٻارڙن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

متاثر ٻارڙن ۾ سعديه، رضيه، محمد علي، طاهر، شاهده، ارشد ۽ ٻارڙن جي ماءُ شامل آهي. جڏهن ته داڪٽرن موجب سمورن ٻارن جو علاج جاري آهي. عورتن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وئي آهي ۽ ضلعي انتظاميه جي هدايت تي بهترين طبي امداد ڏني پئي وڃي.