ڀارتي اليڪشن کٽيندڙ بنگالي فلمن جي مشهور اداڪاره نصرت جهان روحي مڱڻي ڪري ورتي

news

نئين دهلي: (آچر 02 جون 2019ع) ڀارت جي لوڪ سڀا چونڊن ۾ اوڀر بنگال مان اليڪشن کٽيندڙ بنگالي فلمن جي مشهور اداڪاره نصرت جهان روحي مڱڻي ڪري ڇڏي آهي.

نصرت جهان روحي اولهه رياست بنگال مان آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس(اي آءِ ٽي سي) جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي هئي ۽ لوڪ سڀا جي نوجوان ميمبر به آهي. نصرت جهان روحي بنگالي، تامل ۽ تيلگو سميت ڀارت جي ٻين زبانن ۾ ٺهندڙ فلمن سميت هندي زبان ۾ ٺهندڙ ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

نصرت جهان روحي ٽولي ووڊ يعني تامل، تيلگو، بنگالي ۽ مراٺي زبان ۾ فلمون ٺاهيندڙ انڊسٽري جي مشهور اداڪاره آهي. هو گذريل هفتي چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ پهريون دفعو 28 مئي تي ساٿي  اداڪاره اولهه بنگال مان ئي چونڊ کٽيندڙ اداڪاره ممي چڪربورتي سان گڏ لوڪ سڀا پهتي هئي ۽ ٻنهي اداڪارائن پارليامينٽ  کان ٻاهر تصويرون ڪڍايون هيون ۽ تصويرن کي سوشل ميڊيا تي شيئر به ڪيو هو.