ملير جي ابراھيم حيدري مان اڻڄاتل ٻار جو لاش ھٿ

news

ملير(رپورٽ: دريا خان شر)آچر 02 جون 2019ع: ابراھيم حيدري مان اڻڄاتل ٻار جو لاش ھٿ، تفصيل موجب ابراھيم حيدري مان لوڻ جي ڪارخاني ويجھو اڻڄاتل ٻار جو لاش هٿ آيو آهي.

پوليس موقعي تي پھچي ٻار جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، اڃا تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بھادر جو چوڻ آھي ته پوليس ثبوت گڏ ڪري رهي آھي. ۽ قتل واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. تمام جلد قاتل گرفتار ڪيا ويندا.01