سيوهڻ ۾ ڳوٺاڻي جو ٻارڙن سميت ساهرن جي ظلم خلاف احتجاج

news

سيوهڻ: آچر 02 جون 2019ع:سيوهڻ ۾ ساهرن پاران زال واپس نه ڪرڻ خلاف چئن ٻارن جي پيءَ نوجوان اسلم پنهور معصوم ٻارن سميت سيوهڻ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، متاثر نوجوان اسلم پنهور سهري غلام محمد ۽ ٻين مٿان الزام هڻندي چيو ته 6 مهينا اڳ منهنجي ساهرن ملي ڀڳت ڪري منهنجي زال نالي زبيده کي جيڪا چئن ٻارن جي ماءُ آھي، جنهن کي منهنجي سهري ورغلائي  گهران فرار ڪرائي ڇڏيو هو ۽ منهنجي زال منهنجو سمورو سامان سون پئسا وغيره کڻي فرار ٿي وئي، مون اهڙو فرياد سيوهڻ ٿاڻي تي لکرايو پر پوليس جوابدارن کان پئسا وٺي ڇڏي ڏنو.

هن چيو ته بعد ۾ مون موبائيل فون جي ڊيٽا ڪڍرائي جنهن مان خبر پئي ته خانيوال جي رهواسي ڊاڪٽر محمد اقبال وٽ منهنجي زال جو پتو مليو. هن چيو ته اتان زال کي واپس ڪرائي سهري هاڻي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو آھي ۽ مونکي واپس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

جڏهن ته عدالت سڳوري پڻ زال واپس ڏيڻ جي هدايت ڪئي آھي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زال واپس ڏياري مون سان انصاف ڪن، ٻي صورت ۾ ٻارن سميت پاڻ ساڙيندس.01