خيبرپختونخواهه حڪومت پنجن صلاحڪارن کان وزيرن جو درجو واپس وٺي ڇڏيو

news

پشاور: آچر 02 جون 2019ع: خيبرپختونخواهه حڪومت 5 صلاحڪارن کي ڏنل وزيرن جو درجو واپس وٺي ڇڏيو. ڪي پي ڪي حڪومت طرفان 27 مئي تي پنجن صلاحڪارن کي وزيرن جو درجو ڏنو ويو هو جيڪو هاڻ واپس ورتو ويو آهي.

اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ ان حوالي سان باقاعدا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. الڳ الڳ جاري پڌرائي موجب خيبرپختونخواهه جي 5 صلاحڪارن کان وزيرن جو اسٽيٽس واپس ورتو ويو آهي.

جن پنجن صلاحڪارن کان وزيرن جو اسٽيٽس واپس ورتو ويو انهن ۾ تعليم بابت صلاحڪار ضياءُالله بنگش، تونائي ۽ پاور جو صلاحڪار حمايت الله خان، انڊسٽريز ۽ ڪامرس جو صلاحڪار عبدالڪريم خان، قبائلي معاملن بابت ترجمان ۽ صلاحڪار اجمل وزير ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت صلاحڪار ڪامران بنگش شامل آهن. حڪومتي ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي هت وزيرن جي تعداد ۾ واڌ سان آئيني طور تي ڏکيائي پيدا ٿي رهي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ آئيني طور تي هڪ مخصوص تعداد کان وڌيڪ وزير نه ٿا رکي سگهجن ان لاءِ پراڻو فيصلو واپس ورتو ويو ۽ صلاحڪارن کي پنهنجي پراڻي پوزيشن تي واپس آندو ويو آهي.