بليوبيري به سپر فوڊز جي ڊوڙ ۾ شامل

news

لنڊن: آچر 02 جون 2019ع: هاڻوڪن ڏينهن ۾ ماهرن هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جيڪڏهن روزانو 150 گرام بليو بيريز کاڌيون وڃڻ ته دل جي بيمارين جو خطرو 15 سيڪڙو تائين ٽري سگهي ٿو، ان جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته بليوبيري جا ڪجهه جزا رت جي رواني کي بهتر بڻائيندا آهن ۽ والن ۽ رڳن جي سختي ختم ڪندا آهن.

اها تحقيق يونيورسٽي آف ايسٽ انجليا جي ماهرن ڪئي آهي جنهن ۾ 138 کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن کي روزانو 150 گرام بليوبيري کارايون ويون هيون، ان مطالعي ۾ شامل ماڻهن جي عمر 50 کان 75 سال جي وچ ۾ هئي. ان سموري عرصي ۾ ماڻهن ۾ ڪارڊيو ميٽابولڪ سنڊروم يا سي ايم ايس کي نوٽ ڪيو ويو جنهن ۾ شوگر، بلڊ پريشر ۽ ٻين اهڙين بيمارين کي ڏٺو ويندو آهي جيڪي دل جي بيماري طرف وٺي وينديون آهن، ان ڪيفيت ۾ سڀ کان پهريان رت جون رڳون متاثر ٿينديون آهن.

ڇهن مهينن تائين لڳاتار بليوبيري کارائڻ کانپوءِ ماهرن نتيجو ڪڍيو ته بليوبيري رڳن جي سختي گهٽ ڪندي آهي ۽ رت جي وهڪري کي وڌائيندي آهي جنهن سان دل جي بيمارين جو خطرو 12 کان 15 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي.

پر بليوبيري جا فائدا هتي ختم نه ٿا ٿين، ان کان اڳ لنڊن ۾ ڪيل تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته بليوبيري جو باقاعدا استعمال ٻارن ۾ ذهانت ۽ دماغي صلاحيت ۾ 9 سيڪڙو تائين واڌ ڪندو آهي، ان ئي مناسبت سان ٻارن کي ذهين بڻائڻ ۾ اها اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.