قلعه سيف الله ۾ ٽرڪ ۽ ويگن ۾ ٽڪر، چوڏنهن ڄڻا فوت، ڏهه زخمي

news

ڪوئٽه: (سومر 03 جون 2019ع)   بلوچستان جي ضلعي  قلعه سيف الله ۾ ٽرڪ ۽ ويگن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي ويا آهن.

ڊپٽي ڪمشنر قلعه سيف الله ڊاڪٽر عتيق موجب مسافر ويگن ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ 14 ڄڻن مان 4 ٻار  هڪ عورت شامل آهي. حادثي ۾ فوت ٿيندڙن مان 5 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جڏهن ته 10 زخمين مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جن کي ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو آهي.

حادثي کان پوءِ ڪوئٽه جي ٽراما سينٽر ۾ سمورن سرجن، ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪس کي گهرايو ويو آهي. ايم ڊي ٽراما سينٽر جو چوڻ آهي ته سول سنڊيمن اسپتال مان به ڊاڪٽرن کي گهرايو ويو آهي جڏهن ته صورتحال بابت اعليٰ اختيارين کي آگاهي ڏني وئي آهي.

وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال حادثي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زخمين کي علاج لاءِ بهترين سهوليتون فراهم ڪيون وڃن.