نالائق حڪومت نوازشريف جي ڪمن تي ڪوڙيون مُهرون هڻي خوش ٿي رهي آهي: مريم اورنگزيب

news

لاهور: (سومر 03 جون 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نالائق حڪومت نوازشريف جي ڪمن تي پنهنجون ڪوڙيون مهرون هڻي خوش ٿي رهي آهي.

برٽش ايئر ويز (ن) ليگ جي حڪومت ۾ ئي 10 سالن کان پوءِ آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. مريم اورنگزيب برٽش ايئرويز جي پاڪستان جي لاءِ فلائٽ آپريشن  بابت بيان ڏيندي چيو ته موجوده نالائق حڪومت جي دور ۾ جيڪا سٺي خبر ايندي آهي اها نوازشريف جو تحفو هوندو.

مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف جي ڪمن کي عوام بهتر طريقي سان سڃاڻي ٿو. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته نالائق حڪومت جي دور ۾ جيڪو منصوبو شروع ٿيندو ان تي نوازشريف جي مهر هوندي.