عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستاني فلمن جو بالي ووڊ جي فلمن سان مقابلو ٿيندو

news

لاهور: (سومر 03 جون 2019ع) عيدالفطر جي موقعي تي نمائش جي لاءِ پيش ڪيل فلمن ۾ هن دفعي پاڪستاني فلمن جو بالي ووڊ جي جديد ٽيڪنالاجي سان ٻڌل  فلمن سان مقابلو ٿيندو. 

عيد جي لاءِ نيون ٺهندڙ پاڪستاني فلمن ۾ 2 اردو، 2 پنجابي ۽ 3 پشتو فلمون شامل آهن. جڏهن ته بالي ووڊ جون 2 فلمون نمائش جي لاءِ پيش ڪيون وينديون.

ماهرين موجب هن وقت پاڪستاني فلمون جتي فيوريٽ قرار ڏنيون پيون وڃن اتي ئي بالي ووڊ فلمن جي به شاندار ڪاروبار جا به امڪان ڏٺا پيا وڃن. عيد جي موقعي تي بالي ووڊ جون فلمون ڇلاوا ۽ رانگ نمبر ٽو ڪاروباري اعتبار سان مشهور آهن جڏهن ته علاقائي زبانن جي پنجابي فلم شريڪي دي آگ، پيشي گجران دي ۽ پشتو زبان ۾ دي ته لوفري وائي اور دي ته بدمعاش وئي، جا معاهدا سئنيما انتظاميه سان طئي ٿي ويا آهن ۽ ماضي وانگر هن دفعي به علاقائي فلمن کي به ڀرپور پروموشن ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف عيد ميلي ۾ ٻارڙن سان گڏ وڏن لاءِ به بالي ووڊ جون فلمون اله دين ۽ گاڊزيلا جي نمائش ٿيندي  جتي ان ٻنهي فلمن جي نمائش ڪاروبار ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون اتي ئي سندن مشهور فلمن سان به سخت مقابلو ٿيندو.

ان حوالي سان آئي ايم جي سي گروپ جي ڊائريڪٽر شيخ عابد رشيد چيو آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي جتي اردو ۽ انگريزي فلمون پوري ملڪ ۾ ڏٺيون وينديون اتي پنجابي ۽ پشتو فلمون به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سٺو ڪاروبار ڪنديون پر عيد جي موقعي تي اصل مقابلو رانگ نمبر ٽو ۽ ڇلاوا جي وچ ۾ آهي. ان لاءِ آئون دعاگو آهيان ته شوقين سئنيما گهرن جو رخ ڪن ۽ پاڪستاني فلمن کي سپورٽ ڪن.