نيوسعيد آباد ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران نالي ماتر ڪم ڏيکاري پئسا هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

news

نيوسعيدآباد: سومر 03 جون 2019ع:نيوسعيد آباد ٽائون ڪاميٽي پاران پابندي باوجود ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪوٽيشن ذريعي نالي ماتر ڪم ڏيکاري پئسا هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام مليل تفصيلن موجب ٽائون ڪاميٽي جي انجنيئرنگ برانچ پاران شهر جي بينظير چوڪ ۽ قبرستان جي تعميراتي ڪمن جون ڪوٽيشن تيار ڪري ڊسٽرڪٽ مٽياري جي ڊولپمينٽ ڪميٽي جي آفيشل ميمبر انجنيئر کان منظوري وٺڻ لاءِ پيش ڪئي وئي.

جنهن فوري طور تي رد ڪري ڇڏي ۽ ان ڪوٽيشنس کي ناجائز قرار ڏئي صحيح کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽائون ڪاميٽي جي وڏن توڙي ننڍن جي عيد زهر بڻجي وئي آهي. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري ۾ مقرر مذڪوره انجنيئر سيد ولي محمد شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي وارن جو ڪم انتهائي ناجائز ۽ ابتو هو ان ڪري ڪوٽيشن تي صحيح ڪانه ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ڪوبه غلط ڪم نه ڪريو باقائده ٽينڊر وڃي ڪرايو.

ٻئي طرف اهڙي صورتحال بابت معلوم ٿيو آهي ته عيدالفطر ملهائڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا سرڪار جي ڏيڍ ڪروڙ جي رقم هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا انجنيئر ناڪام بڻائي ڇڏي. نيوسعيدآباد جي سياسي ۽ سماجي حلقن اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪندي سنڌ حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.01