پنوعاقل ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

news

پنوعاقل:سومر 03 جون 2019ع: پنوعاقل ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت.

ڪار ڊرائيور فرار، سانگي ويجھو قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان صاحب ميگھواڙ موقعي تي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش سانگي پوليس واقعي واري ھنڌ تان کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ھوڏانھن ڪار ڊرائيور واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو.01