پريانڪا پاڻ کي ڀارتي وزيراعظم ۽ مڙس کي آمريڪي صدر ڏسڻ جي خواهشمند

news

ممبئي: سومر 03 جون 2019ع: بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جنهن گذريل سال آمريڪي راڳي ۽ اداڪار نڪ جونس سان شادي ڪري ڀارت کي الوداع ڪري ڇڏيو هو، هوءَ مستقبل ۾ سياست ۾ انٽري ڏيڻ جي خواهشمند آهي.

جيتوڻيڪ پريانڪا چوپڙا گڏيل قومن سميت ٻين سماجي تنظيمن ۽ ڀارت جي رياستي حڪومتن سان گڏجي فلاحي ۽ انساني حقن جا ڪم سرانجام ڏئي عوام جون خدمتون ڪندي رهندي آهي. جڏهن ته هاڻ هن مستقبل ۾ موقعو ملڻ تي سياست وسيلي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.

برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ 36 ورهين جي پريانڪا چوپڙا چيو ته جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته هوءَ ڀارت جي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ چونڊون وڙهندي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته سندس خواب آهي ته دنيا جا سمورا انسان بنا فرق ۽ سياسي اختلاف رکڻ بنا هڪ ٻئي سان جڙي وڃن ۽ ڪنهن کي به ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ جي لاءِ اجازت ۽ پاسپورٽ جي ضرورت نه پوي.

پريانڪا چوپڙا جو چوڻ هو ته سندس سياست ۾ دلچسپي آهي ۽ هڪ طرح سان هوءَ فلاحي ڪم ڪري عوام جي خدمت ڪري سياست ئي ڪري رهي آهي، اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ چاهيندي ته هوءَ مستقبل ۾ پنهنجي ملڪ ڀارت ۾ وزيراعظم بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿئي.

ان سان گڏوگڏ سندس چوڻ هو ته سندس خواهش آهي ته موقعو ملڻ تي مستقبل ۾ نڪ جونس به آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺي. اداڪارا وضاحت ڪئي ته نڪ جونس ۾ آمريڪا جو سٺو صدر بڻجڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ هوءَ به هڪ بهترين وزيراعظم بڻجي سگهي ٿي.