شهدادپور ۾ عورت گهر تي قبضي سبب دلبرداشتا ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي، اسپتال منتقل

news

شهدادپور:سومر 03 جون 2019ع:شهدادپور ويجهو گهر تي قبضو ٿيڻ کانپوءِ غريب ناري پاران زھر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش، شھدادپور ويجهو ڳوٺ هستي خان عمراڻي ۾ غريب ناري شبانه زال حنيف عمراڻي گهر تي مبينا قبضو ٿيڻ کانپوءِ دلبرداشتا ٿي جيت مار دوا پي ڇڏي، جنهن کي شهدادپور سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ان سلسلي م ناري جي مڙس جو چوڻ هو ته ريلوي اسٽيشن تي جمع پونجي مان هنن گهر ورتو ۽ ان تي 3 کان 4 لک رُپيا خرچ ڪري گهر جي اڏاوت ڪري بهتر ڪرايو، جنھن بعد ريلوي ملازم جاويد چاڪراڻي سندن گهر تي قبصو ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙي خبر پوڻ کانپوءِ سندس زال آپگهات جي ڪوشش ڪئي. ناري شبانه جو چوڻ هو ته سندس مڙس ٽئڪسي هلائيندو آهي، پئسا گڏ ڪري گهر خريد ڪيو ته جاويد ۽ فيصل اُن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اسان ۽  ٻار دربدر ٿي ويا آهيون ۽ سندن مستقبل به داءُ تي لڳي ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهُر ڪئي ته گهر تان قبضو ڇڏائي کين اجهو واپس ڪرايو وڃي.01