خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري طور تي اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي

news

پشاور: (اڱارو 04 جون 2019ع) خيبرپختونخواهه ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ شوال جو چنڊ اڄ ڏٺو ويندو.

پشاور جي غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جي اڳواڻ مفتي شهاب الدين پوپلزئي گذريل ڏينهن شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جي تصديق صوبائي حڪومت به ڪئي ۽ صوبي ۾ سرڪاري طور تي عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو. صوبائي راڄڌاني پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ عيد جي نماز جا ننڍا وڏا اجتماع منعقد ٿيا جنهن دوران ملڪي سلامتي جي لاءِ دعائون گهريون ويون.

بنون، نوشهره، دارالعلوم، اڪوڙه خٽڪ ۽ پبي ۾  عيد نماز جا وڏا اجتماع منعقد ٿيا جڏهن ته لنڊي ڪوتل اسپتال عيد گاهه، لنڊي ڪوتل هاءِ اسڪول، عيد گاهه ۽ ٽيڊي بازار ۾ به عيد جي  نماز پڙهائي وئي جتي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. خيبرپختونخواهه جي سُڌ سماءُ واري وزير شوڪت يوسفزئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عيد ملهائڻ بابت پنهنجي فيصلي بابت مرڪزي رويت هلال ڪميٽي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي پر هو ڪي پي جي شهادتن کي نٿا مڃين.

شوڪت يوسفزئي وڌيڪ چيو ته هر دفعي صوبي ۾ 2 عيدون ٿينديون آهن. هن دفعي گڏ عيد ملهائي يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن سموري ملڪ ۾ بوهري برادري به اڄ عيد ملهائي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ عيد جي نماز جو وڏو اجتماع طاهري مسجد صدر ۾ ٿيو جڏهن ته پان منڊي، سولجر بازار، بلوچ ڪالوني ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ به عيد جي نماز جا اجتماع منعقد ڪيا ويا.