فواد چوڌري طرفان ڪي پي ڪي ۾ عيد ملهائڻ جي فيصلي تي تنقيد

news

لاهور: (اڱارو 04 جون 2019ع)  وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي فواد چوڌري ڪي پي حڪومت جي اڄ عيد ملهائن جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. 

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڪي پي حڪومت جي عيد ملهائڻ جي فيصلي تي تنقيد ڪئي آهي. 

فواد چوڌري چيو ته ڪي پي حڪومت طرفان عيد ملهائڻ جو فيصلو مناسب ناهي فيصلي سان ماڻهو کلي رهيا آهن. هن چيو ته گذريل ڏينهن چنڊ نظر اچڻ ممڪن نه هو، مذهبي ڏڻ جو بنياد به ڪوڙ تي رکيو ويو آهي، دنيا ۾ اهڙو تاثر ڏنو ويو آهي ته جيئن ڪوڙ کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومتون فرقن ۽ جهيڙن ۾ نه پونديون آهن، جنهن کي جتي وڻي عيد ڪري پر عيد ڪوڙ جي بنياد تي نه ڪري.

فواد چوڌري چيو ته جهالت جو علاج حڪيم لقمان وٽ به نه هيو، پرنٽنگ پريس ۽ ريلوي جو سفر سالن تائين حرام قرار ڏنو ويو جڏهن ته لائوڊ اسپيڪر کي حلال ڪندي ڪيترائي سال لڳي ويا، چنڊ جو مسئلو به حل ٿي ويندو.  هن چيو ته اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي، جيڪي ملڪ اسان سان آزاد ٿيا اڄ ڪٿي بيٺل آهن، معاشرا نئين سوچ جي قيادت ۾ اڳتي وڌندا آهن، اميد آهي ته قوم جو باشعور طبقو هر معاملي تي خاموش نه رهندو.